اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي خاص مددگار ڊڪٽر فر??وس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پا??ست??ن (اي پي پي) سميت ٻي رياستي ميڊيا جي ذميداري قومي بياني کي سگهه ڏيڻ آهي، رياستي ميڊيا پا??ست??ن جي روشن تشخص کي روشناس ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، وزيراعظم جي هدايت تي اي پي پي کي مضبوط رياستي ادارو بڻائن جي ايجنڊا تي ??مل پيرا آهيون. هو ڪالهه اربع جي شام مقامي هوٽل ۾ اي پي پي ايمپلائيز يونين (سي بي اي) طرفان پنهنجي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪري رهي هئي، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فر??وس عاشق اعواڻ چيو ته اي پي پي هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن سان پا??ست??ن جو نالو ڳنڍيل آهي، اي پي پي ۾ ڪم ڪندڙن جو رشتو پا??ست??ن سان قائم آهي، هن چيو ته اي پي پي کي هڪ مستند ادارو بڻائڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، جڏهن ته ادارن کي فعال ۽ بااختيار بڻائڻ اسان جي ذميداري آهي، هن چيو ته اسان کي ان اداري جي بهتري لاءِ يونين سميت سمورن ملازمن کي گڏ کڻي هلڻو آهي، اداري جا حقيقي اسٽيڪ هولڊرز ان جا ملازم آهن.