GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پاڪستان ۽ يورپي يونين پاران خوراڪ، توانائي جي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلي جي اڀرندڙ چئلينجز تي تعاون جاري رکڻ تي اتفاق

image

اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان – يورپي يونين گڏيل ڪميشن جو اجلاس 21 نومبر تي اسلام آباد ۾ ٿيو، ڳالهه ٻولهه ۾ تازي سياسي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو جنهن ۾ پاڪستان جي چونڊ عمل (8 فيبروري جي پارلياماني چونڊن) ۽ يورپي يونين جي (6 – 9 جون جي يورپي پارليامينٽ جي چونڊن ۽ نئين ڪاليج آف ڪمشنرز جي جاري جوڙجڪ) شامل آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب 14هين پاڪستان يورپي يونين جوائنٽ ڪميشن کانپوءِ گڏيل پريس ريليز ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ يورپي يونين پنهنجي تعاون ۽ پائيدار مصروفيت جي اهميت کي تسليم ڪيو خاص طور تي واپار، لڏپلاڻ، انساني حقن، سياسي، اقتصادي ۽ ترقياتي تعاون جهڙن شعبن ۾ گلوبل گيٽ وي حڪمت عملي تي ڌيان ڏنو ويو. ڌرين خوراڪ، توانائي جي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلي جي اڀرندڙ چئلينجز تي تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪستان – يورپي يونين جي جمهوريت، گورننس، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن تي ذيلي گروپ جو اجلاس پڻ ٿيو. گڏيل ڪميشن کان اڳ 19 نومبر 2024ع تي جمهوريت، گورننس، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن تي ذيلي گروپ قائم ڪيو ويو هو ۽ ان جي گڏيل صدارت پرڏيهي وزارت ۽ يورپي ايڪسٽرنل ايڪشن سروس جي وچ ۾ ڪئي وئي هئي. ڌرين پاڪستان ۽ يورپي يونين ۾ چونڊن کانپوءِ ٿيندڙ سياسي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. انهن چونڊ عمل کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششن جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. يورپي يونين سياسي تڪثيريت، جمهوري قدرن، آزاد ميڊيا، متحرڪ سول سوسائٽي، عدالتي آزادي ۽ انساني حقن جي عالمي معيارن جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو جيڪي جمهوري چونڊن جي لاءِ اهم حيثيت رکن ٿا. ڌرين عورتن ۽ ٻارن جي حقن، مزدور ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي حقن سان گڏوگڏ بنيادي آزادين، جهڙوڪ اظهار راءِ جي آزادي ۽ غلط معلومات جي وڌندڙ مسئلي سميت سمورن انساني حقن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان پنهنجي سڌاراجاتي ايجنڊا پيش ڪئي جنهن ۾ انساني حقن جي قومي ايڪشن پلان جي فريم ورڪ، ڪاروبار ۽ انساني حقن تي قومي ايڪشن پلان سان گڏوگڏ جي ايس پي پلس بابت 27 عالمي ڪنوينشنز کي مڪمل لاڳو ڪرڻ جي لاءِ قدم شامل آهن. پاڪستان ۽ يورپي يونين مذهب يا عقيدي جي آزادي ۽ اقليتن ۽ ڪمزور گروهن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي حقن ۽ مسلم مخالف نفرت بابت خدشن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين انهن گڏيل خدشن تي ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. يورپي يونين موت سزا جي خاتمي تي پنهنجي موقف جو ورجاءُ ڪيو ۽ رحم جي درخواست جي اصلاحي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. گڏيل بيان موجب واپار تي پاڪستان – يورپي يونين جي ذيلي گروپ جو اجلاس پڻ گڏيل ڪميشن کان اڳ ٿيو. اهو اجلاس 20 نومبر تي واپار واري وزارت ۽ يورپي ڪميشن جي ڊي جي واپار جي وچ ۾ منعقد ٿيو. گڏيل بيان موجب يورپي يونين پاڪستان جو ٻيو سڀ کان وڏو واپاري پارٽنر آهي جنهن جي جنرلائزڊ اسڪيم آف پريفرنسز پلس (جي ايس پي پلس) ج انتظام ٻطرفي واپار جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پاڪستان – يورپي يونين جي ذيلي گروپ آن ٽريڊ اجلاس دوران مختلف موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ڌرين هڪ مضبوط گهڻ رخي واپاري نظام جي اهميت کي تسليم ڪيو ۽ (ڊبليو ٽي او)، گهڻ رخي ۽ ٻطرفي سطحن تي تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ٻطرفي واپاري لاڳاپن تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن ۾ ٻنهي طرفن جي لاءِ مارڪيٽ تائين پهچ جي چئلينجز سميت ڪيترن ئي موضوعن جو احاطو ڪيو ويو. مخصوص دلچسپي جي ٻين شعبن ۾ جي ايس پي پلس جي لاڳو تي تعاون نمايان هو. گڏيل بيان موجب ڌرين تسليم ڪيو ته 2014ع ۾ جي ايس پي جو درجو ملڻ کانپوءِ ٻطرفي واپاري لاڳاپن ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي. يورپي يونين پاڪستان کي يورپي يونين جي ريگيوليٽري فريم ورڪ جي تعميل ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ايندڙ قانونسازي جي اڳڀرائي بابت معلومات فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان ۽ يورپي يونين پائيدار ترقي ۽ واپاري ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مسلسل تعاون جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. گڏيل بيان موجب پاڪستان يورپي يونين جي ترقياتي تعاون بابت ذيلي گروپ جو اجلاس پڻ منعقد ٿيو. ترقي جي ذيلي گروپ جو اجلاس 20 نومبر تي اقتصادي معاملن واري وزارت ۽ يورپي ڪميشن جي عالمي حصيداري جي ڊي جي جي وچ ۾ ٿيو. پاڪستان ۽ يورپي يونين جاري گهڻ رخا ساليانا اشارا پروگرام (ايم آءِ پي) تحت اهم ترجيحي شعبن جي مسلسل هڪ جهڙائي تي اتفاق ڪيو جن ۾ گرين جامع تري، هيومن ڪيپيٽل ۽ گورننس بشمول قانون جي حڪمراني ۽ انساني حق شامل آهن. اهي ترجيحون قومي ترقي جي ايجنڊا ۽ پاڪستان حڪومت جي ترقياتي ترجيحن سان چڱي طرح هم آهنگ آهن. ان ڏس ۾ پاڪستان ٽيم يورپ جي موقف ۾ پاڪستان جي ريزيلينٽ بحالي سميت بحالي ۽ نئين سر تعمير جي فريم ورڪ جي لاءِ يورپي يونين جي مسلسل حمايت جي آجيان ڪئي. يورپي يونين ايم آءِ پي جي وچولي مدي جائزي کانپوءِ 2025 – 2027ع جي مدي جي لاءِ منصوبن جا تفصيل پيش ڪيا ۽ يورپي يونين جي پاليسي فريم ورڪ ۽ گلوبل گيٽ وي تي اپ ڊيٽ ڪيو ويو. پاڪستان سيپٽمبر 2024ع ۾ ٿيندڙ يورپي انويسٽمينٽ بئنڪ جي پاڪستان ۾ تازي دوري کي ساراهيو ۽ نئين سيڙپڪاري جي نشاندهي ڪري گلوبل گيٽ وي جي فريم ورڪ ۾ مصروفيت کي وڌائڻ جي موقعي تي اتفاق ڪيو. يورپي يونين گرين ۽ صاف توانائي جي ترقي جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو اظهار ڪيو. ڌرين علائقائي پروگرامن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ علائقائي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ان جي اهميت کي تسليم ڪيو. گورننس ۽ قانون جي حڪمراني جي شعبي ۾ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سول سوسائٽي جي اهم ڪردار سان گڏوگڏ گلوبل گيٽ وي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ سازگار ماحول جي لاءِ تعاون (عوامي مالياتي انتظام، قانون جي حڪمراني) تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گڏيل دلچسپي جي ٻين مسئلن جو ذڪر ڪندي گڏيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين 2019ع ۾ صحيحون ڪيل پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽجڪ انگيجمنٽ پلان جي لاءِ پنهنجي وابستگي جو ورجاءُ ڪندي پنج سالن کانپوءِ ان جي لاڳو جي حالت جو جائزو ورتو. پاڪستان ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون جن ۾ زراعت، ٽيڪس لڳائڻ ۽ آفتن جي خطري ۾ گهٽتائي جي لاءِ اضافي شعبن ۾ تعاون وڌايو ويو. گڏيل ڪميشن پاڪستان – يورپي يونين جي جامع مائيگريشن اينڊ موبلٽي ڊائيلاگ جي ڏس ۾ گڏيل واعدن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. يورپي يونين ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران افغان پناهگيرن جي ميزباني ۾ پاڪستان جي فراخدلي کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ افغان شهرين جي پروف آف رجسٽريشن ڪارڊز جو مدو 30 جون 2025ع تائين وڌائڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي. بيان موجب پاڪستان ۽ يورپي يونين دهشتگردي جي خاتمي ۽ منشيات جي خاتمي سميت سلامتي جي معاملن تي علائقائي تعاون جي اهميت کي تسليم ڪيو، پاڪستان علائقائي اڳڀرائي بابت ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن ۽ انساني صورتحال تي پنهنجي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. پاڪستان غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ والاريل عرب علائقن ۾ اسرائيلي فوجين جي مڪمل انخلا جو پڻ مطالبو ڪيو. يورپي يونين غزه ۾ فوري جنگبندي، سمورن يرغمالين جي غيرمشروط آزادي ۽ انساني امداد تائين فوري ۽ بنا روڪ ٽوڪ جي پهچ ۽ ورڇ نيز گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2735 موجب دشمني جي پائيدار خاتمي جي اپيل جو ورجاءُ ڪيو، پاڪستان ۽ يورپي يونين عالمي قانون جي اصولن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جو مڪمل احترام ڪندي سمورن تڪرارن جو پرامن حل ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. گڏيل ڪميشن جي گڏيل صدارت اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ۽ ايشيا ۽ پيسفڪ يورپي ايڪسٽرنل ايڪشن سروس واري ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پاولا پامپالوني ڪئي. يورپي يونين پاڪستان جوائنٽ ڪميشن جو ايندڙ اجلاس 2025ع ۾ برسلز ۾ منقعد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں