GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پنجاب ۾ هتڪ عزت قانون 2024ع صوبائي معاملو آهي، پنجاب جو حق آهي ته هو پنهنجو قانون منظور ڪري: عطاءُ الله تارڙ

image

اسلام آباد – 06 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پنجاب ۾ هتڪ عزت قانون 2024ع صوبائي معاملو آهي، پنجاب جو حق آهي ته هو پنهنجو قانون منظور ڪري، ڊيجيٽل رائيٽس پروٽيڪشن اٿارٽي جي حوالي سان سمورين ڌرين سان مشاورت جي لاءِ ڪابينا ڪميٽي جوڙي وئي آهي. اها ڳالهه هن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪئي. ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر سيد علي ظفر جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پرائيويٽ ميمبر ”دي پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز (ترميمي) بل 2022ع“ تي غور ٿيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪميٽي کي ٻڌايو ته صحافين جي تحفظ جي بل کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ پارليامينٽ مان منظوري جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي لاءِ انساني حقن واري وزارت کي خط لکي ڇڏيو آهي، جرنلسٽس پروٽيڪشن ڪميشن انساني حقن واري وزارت تحت ڪم ڪري رهي آهي، ڪميشن کي پنهنجي وزارت تحت آڻڻ جي لاءِ تيار آهيون، ان مقصد جي لاءِ اسان وٽ اڳ ۾ ئي ڪافي فنڊز موجود آهن. هن چيو ته بل ۾ مئنيجرز ۽ سپروائيزر نوعيت جون نوڪريون نان جرنلسٽس ڪيٽيگري ۾ شمار ٿين ٿيون، اها ڪيٽيگري بلڪل جُدا آهي، انهن ٻنهي شين کي گڏائي قانون جي اندر پڙهيو وڃي ٿو. وفاقي وزير چيو ته گذريل حڪومت دوران جڏهن پارليامينٽ تحليل ٿي ته هي بل به التوا هيٺ هو، انساني حقن واري وزارت کي خط لکي ڇڏيو آهي ته ان کي فوري طور تي حتمي شڪل ڏني وڃي. هن چيو ته ڪميشن جي چيئرپرسن جي مقرري جي لاءِ جيڪو به طريقيڪار آهي ان تي عمل ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، اهو ٻنهي وزارتن جي وچ ۾ معاملو آهي جنهن جي ڪري ان تي عملدرآمد ۾ دير ٿي. هن ڪميٽي کي گذارش ڪئي ته ان بل جي حوالي سان ٽائيم لائين جو تعين ڪيو وڃي جنهن تي اسٽينڊنگ ڪميٽي اطلاعات واري وزارت جي ان تجويز جي تائيد ڪئي. ان کان اڳ ”دي پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز (ترميمي) بل 2022ع“ جي محرڪ سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته بل جو مقصد صحافين، انهن جي خاندانن ۽ انهن جي ملڪيتن جو تحفظ آهي، بل ۾ صحافين کي تشدد ۽ ٻين سانحن ۾ فوري ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. پي ايف يو جي جي ميمبرن ڪميٽي کي ٻڌايو ته مختلف قانونن ۾ ”صحافين“ جي تعريف مختلف آهي ۽ ان کي سمورن قانونن ۾ هڪ جهڙو ڪرڻ گهرجي. بل ۾ صحافين جي ذريعن جي حفاظت جي لاءِ پڻ شقون شامل آهن. ڪميٽي تفصيلي بحث کانپوءِ وڌيڪ غور فڪر جي لاءِ بل ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پنجاب هتڪ عزت قانون 2024ع پڻ بحث هيٺ آيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪميٽي کي ٻڌايو ته جن وٽ وسيلا هوندا آهن اهي ٻاهرئين ملڪ وڃي هتڪ عزت جي دعويٰ داخل ڪندا آهن ۽ ان تي فيصلو به ٿي ويندو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ هتي چيني ڪمپنين تي ڪِڪ بيڪس جا الزام لڳا، ان حوالي سان هڪ ڪيس 6 سالن کان هلي رهيو آهي جيڪو اڃا تائين شروعاتي مرحلي کان اڳتي ناهي وڌي سگهيو، اهي حقيقتون پنهنجي جڳهه تي موجود آهن. هن چيو ته پنجاب حڪومت هڪ قانون پاس ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته اهو پنجاب ۾ لاڳو هوندو. ان قانون کي هتي بحث هيٺ نه ٿو آڻي سگهجي، ائين ته پوءِ ڪو به فورم ٻئي جي ڪم ۾ مداخلت ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته پنجاب جو حق آهي ته هو پنهنجو قانون منظور ڪري، آئين ۽ قانون تحت اسان پنجاب جي قانون کي هتي بحث هيٺ نٿا آڻي سگهون. هن چيو ته توهان وفاق جي حوالي سان ڳالهه ڪريو، ان تي اسان پوري ذميواري سان ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. وفاقي وزير چيو ته ڊيجيٽل رائيٽس پروٽيڪشن اٿارٽي جي حوالي سان بل آيو جنهن کي ڌرين سان مشاورت جي لاءِ ملتوي ڪيو ويو، ان حوالي سان ڪابينا ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا سمورين ڌرين سان مشاورت ڪندي. هن چيو ته ”ايڪس“ پليٽ فارم تي هر قسم جو مواد موجود آهي، ڊجيٽل ڊومين جي اندر ڪرائيم ٿي رهيا آهن ۽ ماڻهن جي زندگين کي خطرو آهي، جيڪڏهن ڪنهن پوسٽ جي ڪري ڪنهن کي ڪو نقصان پهچي ته ان جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. پنجاب هتڪ عزت قانون تي بحث دوران ڪميٽي جي ميمبر سينيٽر عرفان صديقي چيو ته صوبائي حڪومتن پاران منظور ڪيل قانونن تي نظرثاني جو حق نه آهي ڇو ته 18 هين ترميم کانپوءِ اهو معاملو صوبائي حڪومتن جي دائري ۾ اچي ٿو. سينيٽر سيد علي ظفر چيو ته ان ايجنڊا جو بنيادي مقصد سڄي دنيا ۾ لاڳو هتڪ عزت قانونن جو تقابلي جائزو وٺڻ آهي. هن زور ڏنو ته قانون جو مقصد بنيادي حقن ۽ آزادين ۾ توازن قائم ڪرڻ هجڻ گهرجي نه وري هڪ کي ٻئي جي قيمت تي ڪمزور ڪرڻ گهرجي. ڪميٽي معاشري ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي هتڪ عزت قانونن جي اثرن بابت بحث جي لاءِ خصوصي اجلاس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ کانسواءِ سينيٽر عرفان الحق صديقي، سينيٽر پرويز رشيد، سينيٽر سرمد علي، سينيٽر عون عباس، سينيٽر محمد طلال بدر، سينيٽر عبدالشڪور خان، سينيٽر جان محمد، سينيٽر اشرف علي جتوئي، سينيٽر سليم مانڊوي والا، سينيٽر زرقا سهروردي تيمور، سينيٽر منظور احمد ڪاڪڙ شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري عنبرين جان، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن ۽ مختلف ادارن جا ٻيا سينيئر آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا.

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں