GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ مختلف شعبن ۾ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهيون: سيد يوسف رضا گيلاني

image

اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ پارلياماني، سفارتي، اقتصادي ۽ معاشي سطح تي ٻطرفا ۽ يورپي يونين جي سطح تي بهترين تعاون موجود آهي، پاڪستان هن حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب اهڙو اظهار سينيٽ چيئرمين جرمن پارليامينٽ جي ميمبر مائيڪل ملر جي اڳواڻي ۾ وفد سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. سينيٽ چيئرمين ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني مٽاسٽا کي هٿي وٺرائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته اعليٰ سطح جا گڏيل رابطا ٻنهي ملڪن جي ماڻهن کي ويجهو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. سينيٽ چيئرمين ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا تي به زور ڀريندي چيو آهي ته پاڪستان هر سطح ۽ مختلف شعبن ۾ رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني موسمياتي تبديلي بابت چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ڳاڻيٽو وڌائڻ ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ چيئرمين پاڪستاني شاگردن کي اعليٰ تعليمي وظيفن جي فراهمي تي جرمن حڪومت جو ٿورو مڃيو. سينيٽ چيئرمين جرمن وفد کي ويزائون جاري ڪرڻ ۾ غير معمولي دير سبب پيدا ٿيندڙ مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ويزائون جاري ڪرڻ ۾ غير معمولي دير جي مسئلن کي جلد کان جلد حل ڪيو ويندو. سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي عالمي تڪرارن جي پرامن حل تي يقين رکي ٿو ۽ پاڪستان عالمي سطح تي امن، استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن صرف گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل تي ٻڌل آهي. هن چيو ته ڀارت منظم طريقي سان ڪشميري عوام کي انهن جي بنيادي انساني حقن ۽ آزادي کان محروم ڪري رهيو آهي. ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ خوف ۽ هراس جو ماحول قائم ڪري رکيو آهي. هن چيو ته انساني حقن جي فراهمي يورپي ملڪن جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته دنيا ڀارت جي غير قانوني طور قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۽ سياسي انجنيئرنگ کي روڪڻ لاءِ ڀارت تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري. هن چيو ته فلسطين جي موجوده صورتحال به انتهائي افسوسناڪ آهي. غزه ۽ رفح ۾ معصوم شهرين خلاف اسرائيلي اڳرائي رڪجي نه سگهي. عالمي برادري فلسطينين خلاف ظلمن کي روڪڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي ۽ خطي ۾ امن لاءِ مسئلي جو مناسب ۽ قابل قبول حل ڪڍڻ لاءِ ڪوششن کي تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ انهن تڪرارن جو حل اڻٽر آهي. سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر عرفان صديقي ۽ سينيٽر عبدالقار به پاڪستان جرمني لاڳاپن کي اهم قرار ڏنو. سينيٽر شيري رحمان موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي ساراهيو ۽ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ تي زور ڀريو. سينيٽر عرفان صديقي تعليم ۽ وفدن جي مٽاسٽا جڏهن ته عبدالقادر توانائي جي شعبن ۾ مدد کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو. سينيٽ چيئرمين ملاقات ۾ گهڻ رخي تعاون خاص ڪري تعليم، راندين، فوٽ بال، توانائي، صحت، ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلين جي شعبن ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ ۽ مدد کي وڌائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته عالمي فورمن جهڙوڪ آءِ پي يو ۽ سي پي اي جي پليٽ فارمن تي ٻنهي ملڪن ۾ بهترين لاڳاپا ڏٺا وڃن ٿا ۽ ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ٻئي ملڪ دوستي جي بااعتماد رشتي ۾ جڙيل آهن. سينيٽ چيئرمين دفاعي شعبن ۾ تعاون کي به اهم قرار ڏنو. افغان پناهگيرن جو ذڪر ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۾ 3.5 ملين کان وڌيڪ افغان پناهگير گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان ۾ رهندڙ آهن ۽ افغانستان ۾ امن پاڪستان جي بهتر مفاد ۾ آهي جڏهن ته انساني حقن جون ڀڃڪڙيون اسان لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻيل آهن. اسان افغانستان کي خوشحالي، پرامن ۽ خودمختيار ڏسڻ چاهيون ٿا. هن وقت به پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جو وڏو انگ موجود آهي جن کي منتقل نه ڪيو ويو. هن چيو ته جرمني ان سلسلي ۾ تعاون ڪري. سينيٽ چيئرمين ان موقعي تي وفد کي ٻڌايو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ انهن لاءِ پيشيوراڻي تربيت جا پروگرام متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن انهن جي تخليقي صلاحيتن کي وڌيڪ نکاري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ۽ جرمني جي لاڳاپن کي 70 سال ٿي ويا آهن ۽ هي اسان جي لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ته دوستي جو هي رشتو هر گذريندڙ ڏينهن سان گڏوگڏ مضبوط کان مضبوط ٿي رهيو آهي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين جرمن پارليامينٽ جي سربراهه کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. وفد جي اڳواڻ سينيٽ چيئرمين جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته پاڪستان جرمني لاءِ هڪ اهم ملڪ آهي. هن به مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ تي زور ڀريو ۽ اها ڳالهه تسليم ڪئي ته پاڪستان موسمياتي تبديلين کان متاثر ٿيو آهي ۽ ٻئي ملڪ ان سلسلي ۾ گڏجي وڌيڪ ڪم ڪري سگهن ٿا.

مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی
متعلقہ مضامین
مزید خبریں