GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

انتهائي مقابلي واري دنيا جي گهرجن موجب اسان کي تعليم تائين پهچ ۽ اسڪولن ۾ داخلا جي شرح کي وڌائڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

image

اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تجزياتي سوچ جي فروغ تي زور ڏيندي چيو آهي ته انتهائي مقابلي واري دنيا جي گهرجن موجب اسان کي تعليم تائين پهچ ۽ اسڪولن ۾ داخلا جي شرح کي وڌائڻو پوندو. هو هائي ٽيڪ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي (پهرين ايم بي بي ايس بيچ) پهرين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ 27 بلين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. هن چيو ته تقابلي طور تي ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ ٻارن جي اسڪول ۾ داخلا جو تناسب 98 – 100 سيڪڙو آهي. هن چين جي ڪيس اسٽڊي جو حوالو ڏيندي چيو ته تعليم ۽ صحت جي شعبن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ذريعي پاڪستان 8 سالن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري سگهي ٿو. صدر ان کان اڳ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل جي فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڊگريون، ميڊلز ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا. هن چيو ته ملڪ عورتن جي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڪيريئر ختم ڪرڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، اڄ والدين واعدو ڪن ته پنهنجي انهن ٻارن ۽ ٻارڙين کي ملڪي ترقي ۽ خدمتن جي لاءِ مقرر ڪندا. عورتن کي ڪم ڪرڻ جو محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ رياست جو فرض آهي، وفاقي محتسب جهڙا ادارا اڳ ۾ ئي ان مقصد جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ رڳو 9 سيڪڙو نوجوان اعليٰ تعليم جي لاءِ داخلا وٺي رهيا آهن جن کي آن لائين ايجوڪيشن جهڙا جديد تعليمي ٽولز متعارف ڪرائي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هيپاٽائيٽس جي 9 سيڪڙو ڦهلاءُ ۽ 40 سيڪڙو اسٽنٽنگ جو حوالو ڏيندي صدر چيو ته ملڪ کي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افرادي قوت جي سخت ضرورت آهي. هن نئين گريجوئيٽس تي زور ڏنو ته اهي احتياطي نگهداشت تي وڌيڪ ڌيان ڏين ڇو ته پاڪستان مهانگي علاج کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن ياد ڏياريو ته پاڪستان اڳ ۾ ئي ڪوويڊ 19 وبائي مرض دوران احتياطي طريقن کي فروغ ڏئي نمايان ڪاميابي حاصل ڪري چڪو آهي. ڪامياب ٿيندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون سدائين پنهنجي والدين ۽ استادن جا ٿورائتا رهو جن توهان کي هيستائين پهچايو. اڄ به پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ آهي جتي والدين جي عزت ۽ تڪريم آهي، پاڪستان کان ٻاهر رهندڙ ماڻهو هڪ مٽيءَ ۽ ٻيو والدين جي محبت ۾ پاڪستان واپس اچڻ چاهين ٿا، جيڪي محبتون والدين کي اڄ ڏنيون پيون وڃن اهي سڀاڻي انهن کي ملنديون. هن چيو ته ڊگري حاصل ڪرڻ علم جو دروازو کولڻ آهي ڇو ته طبي شعبي ۾ خاص طور تي مصنوعي ذهانت کانپوءِ نوان رجحان متعارف ٿي رهيا آهن. هن اڳڪٿي ڪئي ته 10 سالن جي عرصي ۾ مصنوعي ذهانت ڪنهن به وقت جي اندر انساني سوچ کي ظاهر ڪرڻ جي قابل بڻائيندي ڇو ته ڪلائوڊ ٽيڪنالاجي ۾ اڳ ۾ ئي بهترين علم موجود آهي. هن فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي نصيحت ڪئي ته اهي پنهنجي انسانيت تي لالچ کي ڪڏهن حاوي ٿيڻ نه ڏين ۽ اهي سدائين اسلامي ۽ ثقافتي قدرن موجب پنهنجي مريضن سان همدردي جو مظاهرو ڪن. هائي ٽيڪ انسٽيٽيوٽ آف سائنسز جي پرنسپل ميجر جنرل (ر) حامد شفيق چيو ته والدين جي دعائن ۽ استادن جي محنت جي نتيجي ۾ ايم بي بي ايس جي پهرين بيچ 2016ع – 2021ع ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ڪامياب ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ والدين کي هن خوشي جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته 2016ع ۾ هائي ٽيڪ انسٽيٽيوٽ آف سائنسز قائم ٿيو. ايتري گهٽ عرصي ۾ اي ڪيٽيگري ميڊيڪل ڪاليج ٿيڻ ۽ آءِ ايس او هدف حاصل ڪري ورتا آهن. هن چيو ته ٽيچنگ اسپتال ۾ پنهنجي ميڊيڪل ڪاليج جي پوسٽ گريجوئيٽ مڪمل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هائوس جاب جي سهولت ڏني وئي آهي. هن چيو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليم دوران هم نصابي سرگرمين ۽ راندين جي سرگرمين جا ڀرپور موقعا فراهم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ماسٽر پلان تحت ميڊيڪل ڪاليج جي عمارت تيار ٿي رهي آهي جيڪا 2 سالن جي مدي ۾ مڪمل ٿي ويندي. هائي ٽيڪ ميڊيڪل ڊينٽل ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر عرفان شاهه چيو ته 5 سال اڳ جنهن جو بنياد رکيو هو اڄ اهو هڪ وڏو وڻ بڻجي چڪو آهي ۽ ان جا ثمر به اچڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته اسان جي شآگردن ۽ شاگردياڻين تحقيق جي شعبي ۾ پڻ محنت ڪئي آهي. ايڇ آئي سي سطح جا 100 ريسرچ پيپرز شايع ڪرايا آهن جڏهن ته اداري جو پنهنجو ميگزين پڻ شايع ٿي رهيو آهي. ايڇ آئي ٽي ۽ هائي ٽيڪ جي چيئرمين ميجر جنرل شاڪر الله خٽڪ، پرنسپل هائي ٽيڪ آءِ ايم ايس ميجر جنرل (ر) حامد شفيق، رجسٽرار نيمز ڪمانڊر (ر) فراصت علي، پرنسپل هائي ٽيڪ ميڊيڪل ڪاليج پروفيسر عرفان الله شاهه سميت فيڪلٽي ميمبرن ۽ پاس آئوٽ ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي والدين جو وڏو انگ موجود هو.

مضمون کا ماخذ : کنگ میکر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں